چوڏاهي جا پير

چوڏاهي جا پير: هي بزرگ سنڌ جي مشهور/ معروف لڪياري سادات سان واسطو رکن ٿا. سندن مورث اعلى سيد شڪر الله شاهه کٽڻ، شاهه لڪيءَ مان لڏي ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ چوڏاهي ضلعي خيرپورميرس ۾ اچي ويٺو. پنهنجي وقت جو وڏو ولي ٿي گذريو آهي. پاڳارن جي وڏي سيد محمد بقا شاهه سان سٺا تعلقات هئس. سيد شڪر الله شاهه جي وفات کانپوءِ سندس فرزند سيد سائين ڏنو شاهه گادي نشين ٿيو. جيڪو پڻ وڏو معرفت جو صاحب هوندو هو. وقت جو حاڪم مير سهراب خان سندس عقيدتمند هو. سيد سائين ڏني شاهه جي وفات بعد سندس پٽ سيد غلام مرتضى شاهه پيريءَ جي گادي تي ويٺو. هو به هڪ اهل درويش ۽ فيض وارو پير ٿي گذريو آهي. هن جا ڪيترائي مريد هئا. سندس سئوٽ سيد گل محمد شاهه به هڪ وڏو فيض وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. ان جي وفات 18 جمادي الاول 1274هه مطابق 1825ع ۾ ٿي. پير غلام مرتضى شاهه جي وفات کانپوءِ سندس پٽ گنبل شاهه گادي تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ سندس درگاهه وڌيڪ ترقي ڪئي. پاڻ پير حزب الله شاهه پاڳاري جو مريد هو، هن 1327هه مطابق 1909ع ۾ وفات ڪئي، هو سنڌي ۽ فارسيءَ جو هڪ سٺو شاعر به هو. گنبل شاهه جي وفات بعد سندس ننڍو پٽ سيد پريل شاهه گاديءَ تي ويٺو، هي پنهنجن وڏن وانگر فيض وارو ٿي گذريو آهي. پريل شاهه کانپوءِ پيريءَ جي گادي سيد گنبل شاهه جي ڀاڻيجي سيد عبدالله پريل شاهه وسائي هن وقت هن گاديءَ جو سجاده نشين، سيد عبدالله شاهه جو فرزند سيد علي شاهه آهي، سندس عمر 80 سالن کان مٿي ٿيندي. هي هر دل عزيز، مهمان نواز ۽ سٺو شاعر به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو